بابر اعظم کي انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ آرام ڏيڻ جي تجويز

بابر اعظم کي انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ آرام ڏيڻ جي تجويز

لاهور (ويب ڊيسڪ)مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم کي انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ آرام ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون اڄ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪنديون، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ 15 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي.پاڪستان ٻي ٽيسٽ لاءِ اڃا تائين اسڪواڊ جو اعلان نه ڪيو آهي، پر ٻئي ٽيسٽ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ تبديلين جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون متوقع آهن، نعمان علي ۽ ساجد خان جي پلیئنگ اليون ۾ واپسي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو