ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)بااثر لينڊ گريبرن جي اشاري تي هٿياربندن اسان جي ڳوٺ طالب خاصخيلي ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان حملو ڪري گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو. اهڙو اظهار عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ ڳوٺ طالب خاصخيلي جي متاثر عورتن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. متاثر عورتن مسمات زليخان زال کمون ۽ مسمات سوني زال گل محمد خاصخيلي چيو ته اسلم پنجابي ڪراچي جي بااثر لينڊ گريبر نواب يوسف صديقي جي پٽن جي اشاري تي سندن زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لا۽ کين حراسان پيو ڪري ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي متاثر عورتن چيو تـ سندن زرعي زمين جا ڪوڙا ۽ جعلي قسم ناما ظاهر ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا زمين سالن کان سندن ذاتي ملڪيت آھي متاثره عورتن ۽ سندن وارثن سندن گھرن مٿان ٿيندڙ حملي جي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ڊي سي ٺٽو ايس ايس پي ٺٽو کان اپيل ڪندي فوري کين تحفظ ۽ انصاف جي فراهمي جي گهر ڪئي آھي.










