بااثرن جي قبضي کا بچايو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

بااثرن جي قبضي کا بچايو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)بااثر لينڊ گريبرن جي اشاري تي هٿياربندن اسان جي ڳوٺ طالب خاصخيلي ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان حملو ڪري گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو. اهڙو اظهار عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ ڳوٺ طالب خاصخيلي جي متاثر عورتن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.  متاثر عورتن مسمات زليخان زال کمون ۽ مسمات سوني زال گل محمد خاصخيلي چيو ته اسلم پنجابي ڪراچي جي بااثر لينڊ گريبر نواب يوسف صديقي جي پٽن جي اشاري تي سندن زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لا۽ کين حراسان پيو ڪري ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي متاثر عورتن چيو تـ  سندن زرعي زمين جا ڪوڙا ۽ جعلي قسم ناما ظاهر ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا زمين سالن کان سندن ذاتي ملڪيت آھي متاثره عورتن ۽ سندن وارثن سندن گھرن مٿان ٿيندڙ حملي جي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ڊي سي ٺٽو ايس ايس پي ٺٽو کان اپيل ڪندي فوري کين تحفظ ۽ انصاف جي فراهمي جي گهر ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو