بئريسٽر سلطان سان فريال ٽالپر جي ملاقات،حڪومت سازي تي ڳالھيون

بئريسٽر سلطان سان فريال ٽالپر جي ملاقات،حڪومت سازي تي ڳالھيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سياسي معاملن واري انچارج فريال ٽالپر ايوان صدر ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي ۽ موجوده سياسي صورتحال تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ فريال ٽالپر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران اڳوڻو صلاحڪار چوڌري رياض، صدارتي صلاحڪار سردار امتياز خان ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو