گلاب لغاري(رپورٽ گلزار لغاري) مقامي صحافين جي سڏ تي نئين سال 2023 جي آمد تي آجيان لاء صوفياڻي محفل منعد ڪرائي ويئي جنهن ۾ ملھ ايسوسئيشن جي مرڪزي سرپرست اعلي محبوب خان سريوال انسپيڪٽر قربان ملاح واپاري اڳواڻ راجڪمار لوھاڻو تڳيو مل ٺڪر حاجن لغاري حنيف ملاح اديب اشرف لغاري سميت اديبن شاعرن ملھ پھلوانن واپاري اڳوڻن سميت ھر مرڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي ان کان اڳ سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ اگھم ڪوٽ تي سال 2022 جي پڄاڻي تي ڌڻي در اڳيان الوداعي دعا گھري ويئي صوفياڻي محفل ۾ صوفي راڳين آچر فقير نورمحمد لغاري فقير گل حسن علي نواز نانگو ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام ڳائي داد حاصل ڪيو ۽ نئين سال جي آجيان لاء دعا خير پڻ گهري ويئي انهيَ موقعي تي وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي.










