اڄ شب برات مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

اڄ شب برات مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

لاهو: (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ اڄ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. انهي سلسلي ۾ سموري ملڪ جي مسجدن ۾ خصوصي طور تي رات دير تائين عبادتن جو اهتمام ڪيو ويو آهي.مسجدن ۾ اڄ سڄي رات نفل ادا ڪيا ويندا، شهري سڄي رات نفل سان گڏ رب پاڪ جي آڏو پنهنجي گهر ڀاتين جي سلامتي، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جون خصوصي دعائون گهرندا. انهي کان علاوه ذڪر الاهي جون خصوصي محفلون، حسن قرات، حمد، نعت ۽ درود سلام جي محفلن جو به اهتمام ڪيو ويو آهي.شب برات اڄ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. شب برات ۾ شب جو مطلب رات آهي ۽ برات جو مطلب آزادي آهي. شب برات جهنم جي باهه کان ڇوٽڪارو، گناهه بخش ڪرائڻ جي رات آهي. مسلمان رب پاڪ جي آڏو سجدو ڪري پنهنجا گناهه بخش ڪرائيندا آهن. سموري ملڪ جي مسجدن کي رنگ برنگي روشنين سان سجايو ويو آهي. داتا دربار مسجد، بادشاهي مسجد ۽ ٻين مسجدن کي رنگ برنگي روشنين سان سجايو ويو آهي جڏهن ته عبادت لاءِ خصوصي اهتمام ڪيو ويو آهي.نفلي عبادتن کان علاوه وڏي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجن پيارن جي قبرن تي حاضري ۽ انهن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني، فاتحه خواني ڪندا جڏهن ته اڄ رات جي احترام ۾ روزو به رکيو ويندو. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار هدايت ڏني آهي ته شب برات جي موقعي تي سموري صوبي ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بنايو وڃي.شب برات کي ليلته المبارڪ ۽ ليلته الرحمت به چيو ويو آهي. شب برات اصل ۾ انهي ارادي جي رات آهي جڏهن انسان الله کان مغفرت طلب ڪري گناهن کي هميشه جي لاءِ ڇڏڻ جو ارادو ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو