اٿارٽي سالٽ آئيوڊائزيشن جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري پئي

اٿارٽي سالٽ آئيوڊائزيشن جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري پئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي پنهنجي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ ملي ڪري سالٽ آئيوڊائزيشن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن هتي پنهنجي آفيس ۾ محمد اجمل خان نيشنل آفيسر يو ايس آئي (يونيورسل سالٽ آئيوڊائزيشن) سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاطمه سعد سالٽ آئيوڊائزيشن پروگرام نيوٽريشن انٽرنيشنل پڻ موجود هئي. محمد اجمل خان واڪس، سيمينارز ۽ ميڊيا جي ذريعي ان مسئلي تي آگاهي پيدا ڪرڻ تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي موثر ڪردار کي سرهايو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته سالٽ آئيوڊائزيشن آگاهي پروگرام جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪري ڪم ڪرڻ کپي. هن محمد اجمل خان نيشنل آفيسر سالٽ آئيوڊائزيشن کي سالٽ آئيوڊائزيشن پروگرام جي ڪامياب لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو پڻ يقين ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو