اپريل ۾ موٽرسائيڪل سوار کي 2,000 هزار ڏيڻ جو اعلان

اپريل ۾ موٽرسائيڪل سوار کي 2,000 هزار ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه موٽرسائيڪل سوارن کي خوشخبري ڏني.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ايران جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت ڪوشش ڪري رهيا آهن، خطي ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب آهي.هن چيو ته دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن، موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان ڪيترائي قدم کنيا آهن، وفاقي حڪومت گذريل 3 هفتن ۾ تيل جون قيمتون نه وڌايون آهن.مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا، آمريڪا-ايران جنگ کان پاڪستان سخت متاثر ٿي رهيو آهي.هن چيو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻي پوندي، چئني صوبن پنهنجي طور تي تياري ڪئي آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته موٽرسائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏني وڃي، سنڌ ۾ 6.6 ملين موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ آهن.مراد علي شاهه چيو ته هر موٽرسائيڪل مالڪ کي اپريل ۾ 2000 رپيا ڏنا ويندا، 20 ليٽر جي بنياد تي هر 1 ليٽر لاءِ 100 رپيا، ايپ ۾ جنهن شخص جي نالي تي موٽرسائيڪل آهي ان جي اڪائونٽ ۾ پئسا ڏنا ويندا. هن چيو ته عوام جلد کان جلد موٽرسائيڪل پنهنجي نالي تي منتقل ڪري، ايپ ۾ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪرڻ سان موٽرسائيڪل نمبر دستياب ٿي ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن موٽرسائيڪل توهان جي نالي تي ناهي ته پوءِ ان کي 15 ڏينهن اندر پنهنجي نالي تي رجسٽر ڪرايو، موٽرسائيڪل جي منتقلي جي فيس معاف ڪئي پئي وڃي، لوئر ڪلاس ريلوي ڀاڙا نه وڌندا.مراد علي شاهه چيو ته پهرين مرحلي ۾ هي سبسڊي صرف اپريل جي مهيني ۾ ڏني ويندي، ننڍن هارين کي به 1500 رپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا، 336,000 ننڍا هاري سنڌ جي زراعت کاتي سان رجسٽرڊ آهن، ننڍن هارين کي 1 مهيني لاءِ سبسڊي ڏني ويندي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 25 ايڪڙ کان گهٽ زمين جي مالڪن کي 1500 رپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا، صوبن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي جو بار پاڻ برداشت ڪرڻو پوندو.مراد علي شاهه چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ کي هر مهيني 100,000 رپيا، 2 ايڪسل ٽرڪن کي 70,000 رپيا ۽ وڏن ٽرڪن کي هر مهيني 80,000 رپيا ڏنا ويندا. سڀني رجسٽرڊ مسافر بسن ۽ ٽرڪ مالڪن کي به سبسڊي ڏني ويندي، هي سبسڊي وفاقي حڪومت ڏيندي.هن چيو ته صرف رجسٽرڊ گاڏين، ٽرڪن ۽ موٽرسائيڪلن کي سبسڊي ملندي، سنڌ ۾ 27,297 بسون رجسٽرڊ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو