اٽي جي في ڪلو قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا گهٽتائي جو امڪان

اٽي جي في ڪلو قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اٽي جي امپورٽرز چيو آهي ته هلندڙ مهيني في ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا گهٽتائي ٿيندي تفصيل موجب اٽو امپورٽرز چيو آهي ته روس مان ڪڻڪ جا 3 جهاز جلد ڪراچي پهچي رهيا آهن پهريون جهاز ايم وي بيڪس هليل 15 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندو جهاز ۾ 60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي امپورٽرز مطابق ٻيو جهاز 23 کان 25 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندو ٽنهي جهازن ۾ 60-60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ آهي جهاز پهچڻ سان ملڪ ۾ فوري طور تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمت گهٽجي ويندي ۽ کوٽ پوري ٿي ويندي روسي ڪڻڪ ڪراچي پهچي في ڪلو اٽي جي قيمت 100 رپيا ٿيندي هي ڪڻڪ اچڻ سان سڄو سال ججهڪي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هوندي هن وقت اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 125 رپيا ۽ اٽو 160 رپيا في ڪلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو