اٽارني جنرل جي استعيفيٰ ۽ مقررين جو نوٽيس

اٽارني جنرل جي استعيفيٰ ۽ مقررين جو نوٽيس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل جي استعيفيٰ ۽ مقرري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ملڪيت ڪيس ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل جي عدم مدد تي حڪم جاري ڪيو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان کي اٽارني جنرل آفيس مان ڪيسن ۾ مناسب سهڪار نه پيو ملي.عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل شفقت عباسي کان پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ڪير آهي؟ ان تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل اشتر اوصاف آهي، جسٽس قاضي فائز چيو ته اشتر اوصاف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، سندس استعيفيٰ قبول ڪئي وئي آهي، هاڻي نئون اٽارني جنرل ڪير آهي؟ عدالت جي سوال تي ڊپٽي اٽارني جنرل شفقت عباسي لاعلمي جو اظهار ڪيو.ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان کي روسٽرم تي طلب ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته نئون اٽارني جنرل ڪير مقرر ڪيو ويو آهي؟ عدالت جي استفسار تي عامر رحمان به نئين اٽارني جنرل جي مقرري بابت لاعلمي ظاهر ڪئي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اٽارني جنرل کانسواءِ ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي؟ توهان کي خبر ناهي ته نئين اٽارني جنرل جو نالو؟ عدالت قانون واري سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي هدايت ڪئي ته قانون وارو سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي نئين اٽارني جنرل جو مقرري ۽ اڳوڻي اٽارني جي استعيفيٰ سان گڏ آڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو