اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايندڙ هفتي کان وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن جي حوالي سان اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر گلگت بلتستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ امڪاني سخت سيءُ پوڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سلسلو سڀاڻي کان مٿانهين علائقن ۾ پهچندو جنهن کان پوٰءِ 20 جنوري کان انهي سلسلي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو. مغربي هوائن جو اهو سلسلو 21 جنوري کان مختلف علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندو. سڀاڻي کان 19 جنوري جي دوران گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه جي مٿانهين علائن ۾ به برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب 18 کان 20 جنوري جي دوران مري ۽ گليات ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. 20 کان 23 جنوري جي دوران اسلام آباد ۾ برسات جڏهن ته پنجاب جي مختلف ضلعن مري، گليات ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. اهڙي طرح 23 جنوري تي خيبرپختونخواهه جي مٿانهين علائقن ۾ ٻيهر برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب 21 کان 23 جنوري جي دوران بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته 22 کان 23 جنوري جي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.برسات ۽ برفباري سبب مٿانهين علائقن ۾ اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي، پنجاب، اتر سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برسات سبب ڪوهيڙي ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. موسميات کاتي هدايت ڪئي آهي ته شهري خراب موسم ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.ٻئي طرف اين ڊي ايم اي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر به انهي بابت الرٽ جاري ڪيو آهي. ترجمان موجب ايندڙ ڏينهن ۾ جنوري جي آخر تائين رات ۽ صبح جي وقت موسم وڌيڪ ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي. مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. جنهن سبب رابطي وارا روڊ، ٽرانسپورٽ ۽ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي.جابلو علائقن ۾ امڪاني برفباري سبب برفاني ڇپون ڪرڻ ۽ ترڪڻ جي خطرن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو انهي ڪري عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي وئي آهي. سخت سيءَ ۽ برفباري ٻارن، بزرگن ۽ بيمار ماڻهن جي صحت کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ميداني علائقن ۾ ٿڌو ۽ خشڪ موسم رهندو. جنهن جي ڪري فصلن ۽ باغن کي نقصان جو امڪان آهي. غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ برفباري وارن علائقن ۾ گاڏي جي ٽائرن تي حفاظتي زنجيرن جي استعمال جي هدايت ڪئي وئي آهي.وڌيڪ ٿڌي موسم جي دوران گرم ڪپڙن ۽ هيٽر جو محفوظ استعمال ڪريو. ٻارن، بزرگن ۽ بيمار ماڻهن جو خصوصي خيال رکو. صوبائي ادارن ۽ ضلعي انتظاميه کي جابلو علائقن ۾ امڪاني برفباري کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ قدم ۽ ضروري مشينري جي دستيابي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










