ايمان وين ۾ ويهڻ وقت بي هوش ٿي وئي: شيرين مزاري

ايمان وين ۾ ويهڻ وقت بي هوش ٿي وئي: شيرين مزاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته دشمن چاهي ٿو ته منهنجي ڌيءَ سان ڪجهه خراب ٿئي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته ايمان مزاري کي وين ۾ ويهاريو ويو، جڏهن کين کڻي ويا ته هوءَ بيهوش ٿي وئي، بي هوش هجڻ باوجود ڊاڪٽر کي ڏسڻ نه ڏنو ويو، ايمان جي ڏاڏي جي شاعري جو هڪ ڪتاب به ناهي مليو. شيرين مزاري چيو ته ايمان حرام کاڌو آهي، دشمن چاهي ٿو ته منهنجي ڌيءَ سان ڪجهه خراب ٿئي، ايمان انساني حقن جي وڪيل آهي ۽ سندس جان کي حوالات ۾ خطرو آهي.اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته اسان ڪيڏانهن وڃڻ وارا ناهيون، هوءَ عدالت ۾ ايندي، عدالت انساني حقن جو احترام ڪري ٿي، ايمان مزاري کي آزاد ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو