ايم ڪيو ايم جو نون صوبن جو مطالبو سنڌ جي اتحاد تي حملو قرار

ايم ڪيو ايم جو نون صوبن جو مطالبو سنڌ جي اتحاد تي حملو قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊ سنڌ جي وزير محمد اسماعيل راهو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته صوبن کي رڪاوٽ قرار ڏيڻ حقيقتن جي خلاف آهي ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن واضح ڪيو ته ايم ڪيو ايم جو نون صوبن جو مطالبو سنڌ جي اتحاد تي حملو آهي، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جا بيان غير سنجيده، اشتعال انگيز ۽ صوبي جي عوام جي خواهشن جي خلاف آهن. محمد اسماعيل راهو چيو ته 18هين ترميم وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن کي بااختيار بڻائڻ جو هڪ تاريخي فيصلو آهي، جڏهن ته 18هين ترميم عوام جي بنيادي حقن کي آئيني تحفظ فراهم ڪري ٿي ۽ ان کي واپس رول ڪرڻ جون ڳالهيون عوام دشمني کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. محمد اسماعيل راهو مصطفيٰ ڪمال تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس ذميواراڻي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم نه صرف صوبن کي مضبوط ڪيو آهي پر وفاقي ڍانچي کي به مضبوط ڪيو آهي. يونيورسٽيز جي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جي نفرت، ورهاست ۽ تڪرار جي سياست ان کي وڌيڪ محدود ڪندي، ۽ عوام هاڻي اهڙي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شهري هاڻي ٻولي ۽ ورهاڱي جي سياست کي نه پر ڪارڪردگي ۽ خدمت کي ترجيح ڏين ٿا. محمد اسماعيل راهو سوال اٿاريو ته مصطفيٰ ڪمال، جيڪو هن وقت وفاقي وزير آهي ۽ سندس پارٽي مرڪزي حڪومت جو ميمبر آهي، پهريان اهو ٻڌائي ته هو سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙا نوان منصوبا کڻي آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت، جيڪا ڏهاڪن کان ڪراچي جي مسئلن بابت ڳالهائي رهي آهي، اهي منصوبا مڪمل ڇو نه ڪري سگهي جيڪي ڏهاڪن کان التوا ۾ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو