پشاور: (ويب ڊيسڪ) پوليس سي ٽي ڊي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر پشاور تي دهشتگرد حملي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.پوليس موجب، ڪيس دهشتگردي جي دفعات تحت نامعلوم دهشتگردن خلاف درج ڪيو ويو، ڪيس مقامي ايس ايڇ او عبدالله جلال جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو.ايف آءِ آر جي متن موجب، دهشتگردن ملڪ جي سالميت ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچايو، موٽرسائيڪل تي سوار ٽن دهشتگردن ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو.متن موجب، هڪ حملي آور گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ٻه حملي آور فائرنگ ڪندي داخل ٿيا، واقعي واري هنڌ تان 27 کان وڌيڪ گولا هٿ ڪيا ويا.پوليس موجب، ٽن دهشتگردن ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي فوجي شهيد ۽ 11 زخمي ٿيا.










