واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ايران سان واپاري معاهدن تي غور ڪرڻ وارن کي صلاح ڏني آهي ته هو پابندين جي امڪاني خطري کان آگاهه ٿين. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان-ايران واپاري معاهدن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا پاڪستان خلاف ممڪن پابندين جو جائزو نه پيو وٺي. آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ آهي ۽ ان جي وڏي سيڙپڪارن مان هڪ آهي. هن چيو ته آمريڪا 20 سالن کان پاڪستان ۾ وڏو سيڙپڪار رهيو آهي، پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، اسان پارٽنرشپ جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون.










