ايران حادثي ۾ فوتين جا مڙهه اڄ سکر ايندا، انتظاميه الرٽ

ايران حادثي ۾ فوتين جا مڙهه اڄ سکر ايندا، انتظاميه الرٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير ، ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايران بس حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي واپس آڻڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن،چيئرمين بلاول ڀٽو جي درخواست تي وزيراعظم ناصر حسين شاهه ايران مان فوتين ۽ زخمين کي آڻڻ لاءِ سي 130 جهاز موڪلي ڇڏيو آهي،سي-130 سکر يا جيڪب آباد ۾ لينڊ ڪندو. انهن جو فيصلو سهولتن موجب ڪيو ويندو،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ايئر ايمبولينس ۽ ٻين ايمبولينس جو بندوبست ڪيو آهي،شهيدن ۽ زخمين جا وارث پريشان نه ٿين، ايئرپورٽ ۽ جهاز جي لينڊنگ بابت بروقت آگاهه ڪنداسين،جيڪڏهن ڪنهن زخمي کي ڪراچي منتقل ڪرڻو آهي ته ان لاءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست ڪيو وڃي،وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت زخمين جو بهتر علاج ڪندي، وارث پريشان نه ٿين، ضلعي انتظاميا کي هدايت آهي ته شهيدن جي وارثن ۽ زخمين سان مڪمل تعاون ۽ رابطو برقرار رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو