اي اين ايف ڪارروايون، 17.4 ڪلوگرام منشيات هٿ، 3 گرفتار

اي اين ايف ڪارروايون، 17.4 ڪلوگرام منشيات هٿ، 3 گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) مختلف شهرن ۾ ٽن ڪاررواين دوران 17.4 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪرڻ کان پوءِ ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، اهي ڪارروايون ڪوهاٽ، چارسده ۽ ملتان ۾ ڪيون ويون. ڪاررواين دوران، 16.4 ڪلوگرام چرس ۽ هڪ ڪلوگرام برف هٿ ڪئي وئي.اختيارين موجب، گرفتار شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو