اي اين ايف ڪارروايون، منشيات هٿ، 13 جوابدار گرفتار

اي اين ايف ڪارروايون، منشيات هٿ، 13 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) مختلف علائقن ۾ 9 ڪاررواين ۾ 141.32 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪرڻ کان پوءِ 13 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، اهي ڪارروايون حيدرآباد، اسلام آباد، سنگجاني، غازي گهاٽ، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪيون ويون. ڪاررواين دوران 83 ڪلوگرام 600 گرام آفيم ۽ 49 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي.ان کان علاوه، آپريشن ۾ 8 ڪلوگرام برف، 30 گرام هيروئن، ۽ 692 گرام وزن جون 4750 زينڪس ٽيبليٽ پڻ هٿ ڪيون ويون.ترجمان چيو ته گرفتار ٿيل شڪي ماڻهو تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو