اوگرا پاران 5 ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين تي ڏنڊ

اوگرا پاران 5 ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين تي ڏنڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) 5 مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي) مارڪيٽنگ ڪمپنين تي 5.5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.اوگرا عملدارن موجب انهن ڪمپنين پاران فراهم ڪيل گيس مقرر معيارن تي پورو نه لهي.اوگرا عملدارن جو چوڻ آهي ته ايل پي جي جي پنجن ڪمپنين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.ڪمپنيون سندن جواب کان مطمئن نه ٿيڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.اختيارين جو چوڻ آهي ته ايل پي جي پلانٽس جي نگراني سختي سان جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو