اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو ويجهو ايم فائيو موٽروي تي بس ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو،اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي ٿاڻي جي حد ايم فائيو موٽروي لوڪيشن 479 وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي بس ۾ سوار هڪ ڄڻو علي پور جو رھواسي 35 سالا نعمان علي فوت،ٿي ويو جڏھن ته ٻيا مسافر محفوظ رهيا، اطلاع تي رائونتي پوليس ۽موٽروي پوليس پهچي ڪري فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ڪراچي کان پنجاب جي علائقي :علي پور بس وڃي رهي هئي ته ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب واقعو پيش آيو آهي،










