اهم قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 28 تي طلب

اهم قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 28 تي طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 28 آگسٽ تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهم قانونسازي لاءِ وفاقي حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏايو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي گڏيل اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جو نائون اجلاس 26 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو