اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته ماڻهو عبادتگاهن ۾ به محفوظ ناهن

اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته ماڻهو عبادتگاهن ۾ به محفوظ ناهن

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي اسلام آباد جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.ملاله يوسفزئي حملي ۾ شهيد ٿي ويل جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ ملاله چيو ته اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته ماڻهو هاڻ عبادتگاهن ۾ به محفوظ نه آهن.هن عبادت ڪندڙ ۽ شهرين تي حملي کي خوفناڪ ۽ بزدلاڻو قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو حملو انسانيت اسان جي ايمان ۽ قدمن جي خلاف آهي. انهي سان سموري قوم متاثر ٿي آهي. دعا ڪريان ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ امن قائم ٿئي.ياد رهي ته اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه مسجد خديجته الڪبريٰ ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب 32 ڄڻا شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.جاچ ذريعن موجب واقعي واري هنڌان آپگهاتي بمبار جو سڃاڻپ ڪارڊ به مليو آهي، سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ياسر جي نالي سان ٿي آهي.پوليس ذريعن موجب پشاور ۾ حملو ڪندڙ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو آهي. ڇاپي جي دوران انهي جي 2 ڀائرن ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو