انڊيڪس هفتيوار بلند ترين سطح 120,796 رهي

انڊيڪس هفتيوار بلند ترين سطح 120,796 رهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.ڪالهه ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾، 100 انڊيڪس 984 پوائنٽس وڌي 118,791 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 3,288 پوائنٽس جي بينڊ اندر رهيو.100 انڊيڪس جو هفتيوار بلند ترين 120,796 هو، جڏهن ته گهٽ ترين 117,508 هو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هن هفتي 976.3 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن ۾ هفتيوار 63.7 ارب رپين جو ڪاروبار ٿيو.هفتي دوران مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 101 ارب رپين جي واڌ سان 14,475 ارب رپين تائين پهچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو