انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت شروعات

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت شروعات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر، جيڪو مسلسل واڌ طرف وڃي رهيو آهي، اڄ اوچتو هيٺ اچي ويو آهي.انٽر بئنڪ ڪاروبار دوران ڊالر سستو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 45 پئسا سستو ٿيڻ بعد 287 رپيا 10 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287 رپيا 55 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت ڪاروباري رجحان ڏيکاريو ويو جيڪو بعد ۾ منفي ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 4 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 56 هزار 519 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 56 هزار 523 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو