ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر اڄ کان ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوء انٽربينڪ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 94 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 303 رپيا ٿي ويو.ڊالر 4 رپيا 10 پئسا گهٽجي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 304 رپيا 94 پئسا تي بند ٿيو. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت رجحان رهيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 125 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 45 هزار 882 ٿي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 45757 پوائنٽس تي بند ٿيو.










