ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حڪومتي قدمن کانپوءِ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 300 رپين کان به هيٺ اچي ويو، جيڪو هن وقت 20 ڏينهن جي گهٽ ترين سطح تي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 41 پئسا سستو ٿيڻ بعد 299 رپيا 75 پئسا ٿي ويو.ڪالهه جي انٽربينڪ واپار جي بند ٿيڻ تي ڊالر 301.16 روپيا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 168 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 45,697 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 45,865 پوائنٽس تي بند ٿيو.










