ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حڪومتي قدمن سبب آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، اڄ به ڊالر انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي سستو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 76 پئسا گهٽتائي کانپوءِ ڊالر 290 رپيا ٿي ويو. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڊالر 291 رپيا 76 پئسا تي بند ٿيو. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر پنهنجي بلند ترين سطح کان 16 رپيا 10 پئسا گهٽجي ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 47 پوائنٽن جي واڌ سان 46 هزار 468 تي پهچي ويو. 100 انڊيڪس گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي 46,421 پوائنٽن تي بند ٿيو.










