ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 38 پئسا سستي 284 رپيا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 284 رپيا 38 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 519 پوائنٽن جي واڌ سان 63 هزار 475 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 62,956 پوائنٽس تي بند ٿيو.










