اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب انوارالحق ڪاڪڙ جي سينيٽ جي سيٽ 14 آگسٽ کان خالي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ غير جانبدار رهڻ لاءِ پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.










