امن لاءِ ڀارت کي پهرين وِکَ وڌائڻي پوندي، آرمي چيف

امن لاءِ ڀارت کي پهرين وِکَ وڌائڻي پوندي، آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته امن ڳالهين لاءِ ڀارت کي پهرين وِکَ اڳتي وڌائڻي پوندي، ڏکڻ ايشيا جا مسئلا حل ٿيڻ سان خطو خوشحال ٿيندو، ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي، افغانستان ۾ امن جي قيام ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو آهي،ڏکڻ ايشيا جي حل نه ٿيل مسئلن سبب سڄو خطو غربت جو شڪار ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ جاري سيڪيورٽي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي آرمي چيف وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي، نيشنل سيڪيورٽي ڊائيلاگ وقت جي اهم ضرورت آهي، اڄ دنيا مختلف طرز جي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي، موجوده حالتن ۾ پاڪستان به ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. آرمي چيو آهي ته پاڪستان سيڪيورٽي خطرن باوجود دفاع تي گهٽ خرچ ڪري رهيو آهي، سيڪيورٽي تي وڌيڪ خرچ وڌائڻ سان انساني ترقي جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي، دهشتگردي تي قابو آڻڻ لاءِ ترقي يافته علائقن کي ترقي ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو