اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار ناهي ته سينيٽ چيئرمين جي ريفرنس کان سواءِ ڪنهن سينيٽر کي نااهل ڪري.سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني بينچ جي سامهون شبلي فراز جي درخواست تي ٻڌڻي هئي. اسان اليڪشن ڪميشن طرفان نااهلي جي نوٽيفڪيشن کي چيلينج ڪيو هو.هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي هئي، اڄ سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ کي ڊائريڪشن جاري ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪيو وڃي.بيرسٽر گوهر چيو ته مون کي افسوس آهي ته سڀاڻي سينيٽ جون چونڊون ٿي رهيون آهن، اسان سينيٽ جون چونڊون نه ڪرائڻ لاءِ درخواست به ڏني هئي، عدالت چيو ته اسان وڌيڪ ڏکيائين ۾ نٿا وڃڻ چاهيون.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته عدالت چيو آهي ته تمام گهڻن ماڻهن جي نااهلي جا معاملا انهي سان جڙيل آهن. اميد آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو ته اسان کي رليف ملندو. اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار ناهي ته سينيٽ چيئرمين جي ريفرنس کان سواءِ ڪنهن سينيٽر کي نااهل ڪري.










