اليڪشن ٽربيونل، خرم شير زمان خلاف مرزا جا اعتراض رد

اليڪشن ٽربيونل، خرم شير زمان خلاف مرزا جا اعتراض رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جي درخواست تي پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي مرزا اختر بيگ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.ڪراچي جي تڪ اين اي 241 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار مرزا اختر بيگ جي ڪاميابي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اليڪشن ٽربيونل خرم شير زمان جي اليڪشن درخواست کي ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان موقف اختيار ڪيو ته مرزا اختر بيگ ٻٽي شهريت رکندڙ آهي. خرم شير زمان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته فارم 45 موجب خرم شير زمان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو آهي.اليڪشن ٽربيونل چيو ته خرم شير زمان جي الزامن بابت تفصيلي دليلن جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو