القادر ڪيس، نيب جو بحريه راولپنڊي آفيس تي ڇاپو

القادر ڪيس، نيب جو بحريه راولپنڊي آفيس تي ڇاپو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) قومي احتساب بيورو (نيب) جي ٽيم راولپنڊي پوليس سان گڏ راولپنڊي ۾ بحريا ٽائون جي آفيسن تي ڇاپو هنيو. جيتوڻيڪ نيب يا ٻين اختيارين طرفان ڪو به باضابطه بيان سامهون ناهي آيو، پر احتساب بيورو جي ڪجهه آفيسرن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڇاپي جي تصديق ڪئي آهي. نيب ترجمان برج لال ڇاپي بابت لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڇاپو نيب راولپنڊي هنيو هجي پر مان ان جي تصديق نٿو ڪري سگهان. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپي جو مقصد القادر ٽرسٽ ڪيس سان لاڳاپيل رڪارڊ ضبط ڪرڻ هو. بحريا ٽائون جو مالڪ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض ملڪ جيڪي هن وقت يو اي اي ۾ آهن، انهن کي احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اڳ ئي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي. ملڪ رياض ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته 4 ڪلاڪ تلاشي ورتي وئي ۽ بحريا ٽائون جي 9 ملازمن کي حراست م ورتو ويو آهي. هن چيو ته مان حڪومتيظلم جي باوجود وعده معاف شاهد نه بڻجندس.

پهنجو تبصرو موڪليو