نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ صورتحال شدت پسند گروپن لاءِ سازگار آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته افغانستان کي دهشتگردن جو شڪار ٿيڻ لاءِ اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي.هن چيو ته سعودي عرب جنگ جي شروعات کان وٺي فلسطيني عوام کي 5 ارب ڊالر امداد ڏئي چڪو آهي. هن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي امدادي ادارن جي سهڪار سان 106 بلين ڊالرن جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ خدمتون، کاڌو، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن.سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته ايران عالمي برادري سان خاص طور تي پنهنجي ايٽمي ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي تعاون ڪندو، جنگ متاثر شام سان لاڳاپن جي بحالي جو مقصد خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ آهي.شهزادي فيصل بن فرحان وڌيڪ چيو ته سعودي عرب يمن بحران جي پرامن حل لاءِ هر ڪوشش جي حمايت ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي يوڪرين-روس بحران ختم ڪرڻ گهرجي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي درست ڪرڻ ضروري آهي.










