اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وزير اعظم جي اعتماد واري ووٽ لاءِ ايجنسين ذريعي ايم اين ايز کي مجبور ڪيو ويو. پارٽي اڳواڻن تي پي ٽي آءِ جي غنڊن جي حملي جو کين حساب چڪائڻو پوندو. اهڙو اظهار مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس بعد ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. نواز ليگ جي اجلاس جي بظاهر صدارت ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي تصويرن کي ڪرسين تي رکي ڪرائي وئي پر عملي طور مريم نواز ڪئي. اجلاس ۾ نون ليگ جو قائد نواز شريف ۽ اسحاق ڊار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. مريم موجب اجلاس ۾ لانگ ماچ، ڊسڪه ۽ ڪراچي جي ننڍي چونڊ، پارٽي اڳواڻن تي حملي سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو. هن چيو ته طوفان بدتميزي ۽ حملن جو جواب ڏيڻ ڄاڻو ٿا جيڪو ٻه ثڦڙ هڻندو ان کي 10 هڻنداسين. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اياز صادق، خرم دستگير ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ، اياز صادق چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ حمزه شهباز وچ ۾ ملاقات جا سٺا نتيجا نڪرندا، ڪالهه عمران خان قومي اسيمبلي ۾ هڪ شاگرد هو، جيڪو فرسٽ اچي ويو، ملڪ ۾ تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، جيڪا هاڻ نه رڪندي.










