اسٽيٽ بئنڪ جديد ترين بئنڪ بڻجي وئي آهي، گورنر

اسٽيٽ بئنڪ جديد ترين بئنڪ بڻجي وئي آهي، گورنر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)يوم آزادي جي موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ اڄ جديد ترين بئنڪ بڻجي وئي آهي. هن چيو ته قائداعظم اسٽيٽ بينڪ جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن قائداعظم جي موجودگي باوجود اسٽيٽ بينڪ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي ٺاهڻ ۽ ان تي عملدرآمد ۾ خودمختيار آهي.گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مشڪل وقت مان گذري رهي آهي، آءِ ايم ايف پروگرام مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي.هن خطاب دوران چيو ته ڊجيٽل بئنڪنگ لاءِ 5 لائسنس جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو