ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين ڪاروباري هفتي جي منفي شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل هفتي ڪاروبار شاندار رهيو ۽ 100 انڊيڪس نوان رڪارڊ قائم ڪيا پر اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات منفي انداز ۾ ٿي،100 انڊيڪس شروعاتي واپار ۾ 467 پوائنٽس گهٽجي 61,237 تي اچي ويو ۽ واپار دوران وڌيڪ ڇڪتاڻ ٿي.واپار دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مندي جو رجحان آهي ۽ 100 انڊيڪس 1167 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 60537 تي اچي ويو آهي.










