ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هفتيوار اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.هن ڪاروباري هفتي دوران شيئر مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان رهيو جتي 100 انڊيڪس 5 هزار 247 پوائنٽس جي واڌ سان 114 هزار 301 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 7546 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.شيئر مارڪيٽ ۾ هفتي جي بلند ترين سطح 100 انڊيڪس 1 لک 15 هزار 172 جڏهن ته هيٺين سطح 1 لک 7 هزار 625 هئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هن هڪ هفتي دوران 6 ارب 81 ڪروڙ شيئرز جو واپار ٿيو، جنهن ۾ واپار جي ماليت 302 ارب رپيا هئي.هلندڙ هفتي دوران پي ايس ايڪس ۾ مارڪيٽ سرمائيداري 732 ارب رپين کان وڌي 14 هزار 587 ارب رپيا ٿي وئي.










