اسٽاڪ ايڪسچينج، هفتي جي بلند ترين سطح 114721 رهي

اسٽاڪ ايڪسچينج، هفتي جي بلند ترين سطح 114721 رهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جون هفتيوار اپڊيٽس پڌريون ڪيون ويون آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ موجوده ڪاروباري هفتي ۾ مثبت رجحان رهيو، هن هڪ هفتي ۾ 100 انڊيڪس 1,147 پوائنٽس جي واڌ سان 114,398 تي بند ٿيو، ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 3,004 پوائنٽ بينڊ اندر رهيو، 100 اسٽاڪ مارڪيٽ انڊيڪس جو هفتيوار بلند ترين سطح 114,721 هئي، جڏهن ته گهٽ ترين سطح 111,717 هئي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾، هن هڪ هفتي ۾ 1.45 ارب شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جڏهن ته هفتيوار ٽرن اوور 91 ارب رپيا هو،هفتي دوران مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 144 ارب رپين جي واڌ سان 14,125 ارب رپين تائين پهچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو