ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو گڏيل ڏينهن رهيو،پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 202 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 116052 تي بند ٿيو،ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 3165 پوائنٽس جي بينڊ رهيو. 100 انڊيڪس اڄ جي سڀ کان گهٽ سطح 113677 هئي،مارڪيٽ ۾ اڄ 79 ڪروڙ شيئرز جا سودا 39 ارب رپين ۾ طئي ٿيا،مارڪيٽ سرمائيداري 42 ارب رپين جي گهٽتائي سان 14,520 ارب رپيا ٿي وئي.










