ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت ڪاروباري رجحان ڏيکاريو ويو جيڪو بعد ۾ منفي ٿي ويو،پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 1 هزار 259 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 15 هزار 860 جي سطح تي اچي ويو،ڪاروبار دوران انڊيڪس 117 هزار 823 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو،ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 117 هزار 119 پوائنٽس تي بند ٿيو.










