اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سموري هفتي دوران منفي رجحان

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سموري هفتي دوران منفي رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي موجوده ڪاروباري هفتي جي تازه ڪاري سامهون اچي وئي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ هفتي منفي رجحان رهيو، 100 انڊيڪس 313 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 78 هزار 488 تي بند ٿي ويو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 1170 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.انڊيڪس جي هفتي جي بلند ترين سطح 79 هزار 160 جڏهن ته هيٺين سطح 77 هزار 990 هئي.ان هڪ هفتي دوران 3 ارب شيئرز جو واپار 93 ارب رپين ۾ طئي ٿيو.مارڪيٽ سرمائيداري 26 ارب رپين جي گهٽتائي سان 10 هزار 485 ارب رپيا ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو