ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار اپڊيٽ سامهون آئي آهي، جنهن مطابق ڪاروباري هفتي دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ منفي رجحان رهيو. اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس هفتي دوران 4,339 پوائنٽس گهٽجي 113,247 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 118,735 هئي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ سطح 112,013 هئي.هڪ هفتي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 3.9 ارب شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جڏهن ته هفتيوار ٽرن اوور 159 ارب رپيا رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 402 ارب رپيا گهٽجي 14,230 ارب رپيا ٿي وئي آهي.










