ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس اڄ 53 هزار جي حد عبور ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 563 پوائنٽن جي واڌ سان 53 هزار 220 تي پهچي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 52 هزار 656 پوائنٽس تي بند ٿيو. اڄ ڪاروبار جي شروعات تي، انٽربينڪ ڊالر پنهنجي قدر ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 57 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 284 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 43 پئسا تي بند ٿيو.










