ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسلام آباد ۾ پي آءِ اي جون آفيسون 3 ڏينهن لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پي آءِ اي پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ آفيسون 14 کان 16 آڪٽوبر تائين بند رهنديون.سرڪيولر موجب پي آءِ اي جون آفيسون شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس کي نظر ۾ رکندي بند رهنديون.پي آءِ اي جي سرڪلر ۾ چيو ويو آهي ته ايئرپورٽ تي شفٽ ۾ ڪم ڪندڙ پي آءِ اي ملازم ڪم ڪندا رهندا.










