اسلام آباد ڌماڪو: لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل، 7 لاش وارثن حوالي

اسلام آباد ڌماڪو: لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل، 7 لاش وارثن حوالي

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)اڱاري ڏينهن جي-11 ڪورٽ هائوس ۾ ٿيل خودڪش حملي ۾ مارجي ويل 7 ماڻهن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي ويو آهي.پمز انتظاميا موجب پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا، جن ۾ وڪيل زبير اسلم گھمن جو لاش به شامل آهي.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته 10 شهيدن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ 2 جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، 36 زخمين کي پمز اسپتال آندو ويو ۽ 18 زخمين کي طبي امداد کانپوءِ فارغ ڪيو ويو، 14 زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.پمز اسپتال جي ڊاڪٽر مبشر موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 4 ماڻهن جي حالت نازڪ آهي.ٻئي طرف اسلام آباد ڪورٽ هائوس ۾ ڌماڪي کان پوءِ ريڊ زون ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي آس پاس سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ مکيه دروازي تي روڪيو، جتي هن هدايت ڪئي ته هاءِ ڪورٽ جي ٻئي دروازي تي به پوليس جي گاڏي پارڪ ڪئي وڃي.ڪنهن به غير مجاز شخص کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ٻاهر بيهڻ جي اجازت نه هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو