اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ٽينڊر لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ ترڪ ڪمپني جي ڊاڪيومينٽ ۽ بولي کي ٽيڪنيڪل طور تي منظور ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ ترڪ ڪمپني جي ڊاڪيومينٽ ۽ بولي کي ٽيڪنيڪل طور تي منظور ڪيو ويو جڏهن ته ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ لاءِ بڊ پڻ پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.ذريعن موجب اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ترڪ ڪمپني جا دستاويز طلب ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن.ترڪ ڪمپني جي آئوٽ سورسنگ جي تجويز اڄ پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ بورڊ جي منظوري کانپوءِ ترڪ ڪمپني کي اسلام آباد ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ حوالي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ جي ٽينڊر جي منظوري به وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي ۽ سيڪريٽري ايوي ايشن احسن منگي اڄ وزيراعظم کي ان حوالي سان آگاهه ڪندو.ذريعن موجب ٻنهي ڪمپنين جي نمائندن کي دير سان پهچڻ تي ٽيڪنيڪل ايگزٽ ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ ترڪ ڪمپني اسلام آباد ايئرپورٽ لاءِ سڀ کان وڌيڪ بيڊ ڏني. ٽينڊر جي منظوري وارو عمل سيڪريٽري ايوي ايشن جي نگراني ۾ جاري رهيو.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت اسلام آباد ايئرپورٽ کانپوءِ ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.










