اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو غزه جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ جي  ڌمڪي

اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو غزه جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ڌمڪي

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي بچاءَ واري وزير غزه ۾ جاري جنگ کي وڌيڪ علائقن تائين ڦهلائڻ جي ڌمڪي ڏني.اسرائيلي بچاءَ واري وزير يوف گلانٽ چيو آهي ته اسرائيلي فوج حزب الله خلاف پنهنجي مهم کي وڌيڪ وسيع ڪندي، جنهن ۾ جتي به حزب الله ڪارروائي ڪندي اتي حملو ڪنداسين.اسرائيلي بچاءَ واري وزير چيو ته اسرائيلي فوج بيروت ۽ دمشق سميت ٻين ڏورانهن علائقن ۾ به آپريشن ڪندي.ٻئي طرف خليجي ميڊيا ٻڌايو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج جا وحشيانه حملا جاري آهن، جنهن ۾ اسرائيلي فوج هڪ اسپورٽس سينٽر تي حملو ڪيو، جتي بي گهر ماڻهن پناهه ورتي هئي، اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 15 فلسطيني شهيد ٿي ويا.رپورٽن مطابق اسرائيلي فوج جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات وچ ۾ غزه ۾ حملا ڪيا، جنهن ۾ ڪيترائي بي گهر فلسطيني شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج مرڪزي غزا ۾ نصيرات ۽ مغازي ڪيمپن ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ديرالبله واري علائقي ۾ به اسرائيلي فوج حملا ڪيا، جنهن کي محفوظ علائقو قرار ڏنو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل رات اسرائيلي فوج اتر غزا جي علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ هوائي حملا ڪيا. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سول ڊفينس ۽ طبي عملو طبي سامان جي کوٽ باوجود زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.ٻئي طرف اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن الشفا اسپتال ۾ آپريشن جاري رکيو آهي، جنهن ۾ حماس جا ڪيترائي ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو