اداڪاره مهوش حيات پنهنجي پهرين محبت جو راز کولي ڇڏيو

اداڪاره مهوش حيات پنهنجي پهرين محبت جو راز کولي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تمغه امتياز حاصل ڪندڙ ادڪاره مهوش حيات پنهنجي پهرين محبت جو راز کولي ڇڏيو. مهوش حيات معروف فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن تي هن هڪ دلچسپ ڪيپشن لکيو ته ڪنهن کي به ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيو ته هو توهان سان گڏ اُٻرندڙ چانورن وارو سلوڪ ڪري. مهوش حيات پنهنجي ڪيپشن ۾ وڌيڪ لکيو ته توهان برياني آهيو بي بي گرل ۽ اداڪار آخر ۾ هيش ٽيگ جو استعمال ڪندي پنهنجي پهرين پيار ۾ ٻڌايو. اداڪاره هيش ٽيگ ۾ لکيو ته برياني هميشهه کان منهنجو پهريون پيار آهي مهوش حيات جي دلچسپ ڪيپشن پڙهڻ بعد ان جا مداح به پوئتي نه رهيا ۽ ان جي تصوير ۽ ڪيپشن جي داد ڏيڻ لڳا. ادڪاره مهوش حيات سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي سرگرم رهندي آهي ۽ پنهنجن صارفين کي پنهنجي سڀني سرگرمين کان آگاهه رکندي آهي جڏهن ته پنهنجي سرگرمين جي ڪري ادڪاره تي ڪيترائي ڀيرا تنقيد به ٿي چڪي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو