اداڪاره ساره خان جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

اداڪاره ساره خان جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

ڪراچي(رپورٽر)اداڪاره ساره خان جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.گذريل ڏينهن انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪاره جي مڙس ۽ گلوڪار فلڪ شير پاران ساره خان جي تصوير شئير ڪئي وئي جنهن ۾ هن کي اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل ڏسي سگهجي ٿو.گلوڪار فلڪ شير اسٽوري جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ساره جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي.البته اهو واضح ناهي ٿيو ته ادڪاره کي ڇا ٿيو آهي ۽ کيس ڪهڙي سبب جي ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ساره ۽ فلڪ پاران انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي اطلاع ڏنو ويو هو ته هن وقت هو استنبول ۾ آهن جتي ڪورونا سبب لڳايل ڪرفيو جي ڪري هو ٻئي ڄڻا ڦاسي پيا آهن.ميڊيا رپورٽن ۾ چيو پيو وڃي ته اداڪاره ساره ۽ فلڪ هني مون ملهائڻ ويا آهن پر اڃان تائين اهو واضح ناهي ته هن جي طبيعت ڪٿي خراب ٿي پاڪستان ۾ يا ترڪي ۾

پهنجو تبصرو موڪليو